ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) معرڪه حق ۽ يوم آزادي جي موقعي تي سنڌ جي اقليتي برادري لاءِ وڏي خوشخبري. ورڪرز ويلفيئر بورڊ سنڌ پاران عورتن سان گڏ اقليتي برادري جي صنعتي پورھيتن کي به اليڪٽرڪ بائيڪس ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. سنڌ جي ليبر کاتي واري سيڪريٽري رفيق قريشي چيو ته پاڪستان جي جهنڊي ۾ اڇو رنگ اقليتن جي نمائندگي ۽ انهن جي برابر حقن جي علامت آهي. هر اهو قدم کڻندا سين، جنهن سان پورھيتن جو ڀلو ٿئي. اداري جي ساک کي مضبوط ڪرڻ لاءِ، بورڊ جي منظوري سان ايس اي سي پي کان منظور ٿيل شريعه ڪمپلائينٽ سڪوڪ بانڊز ۾ 3 ارب روپين جي سيڙپڪاري ڪرڻ وڃي رهيا آهيون ته جيئن پورھيتن کي وڌيڪ سهولتون فراهم ڪري سگهجن. حادثاتي هيلٿ انشورنس اسڪيم ۾ پورھيتن کي سالياني 7 لک روپين جي هيلٿ انشورنس سان گڏ ملڪ جي 270 اسپتالن ۾ علاج جي سهولت ميسر ٿيندي. هاڻي فليٽس بدران ورڪرز لاءِ مڪمل سولرائيزڊ گهر تعمير ڪيا ويندا. ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي ماتحت اسڪولن کي به سولرائيز ڪري رهيا آهيون. سال ۾ ٻه ڀيرا ٻارن کي اسڪول يونيفارم ڏينداسين. ليبر کاتي واري سيڪريٽري رفيق قريشي وڌيڪ چيو ته ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي سمورن شعبن کي ڊجيٽلائيز ڪري رهيا آهيون ته جيئن پورھيتن کي انصاف جي بنياد تي سهولتون فراهم ڪري سگهجن. سنڌ جي وڏي وزير جي هدايت تي ڊيٿ گرانٽ جي رقم 10 لک ۽ شادي گرانٽ جي رقم 3 مان وڌائي 5 لک رپيا ڪري رهيا آهيون.










