لانڍي ڪراچي ۾ هڪ ٻئي فيڪٽري ۾ باهه لڳي وئي

لانڍي ڪراچي ۾ هڪ ٻئي فيڪٽري ۾ باهه لڳي وئي

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي لانڍي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۾ هڪ ٻي فيڪٽري ۾ باهه لڳي وئي. ريسڪيو ذريعن موجب، فائر برگيڊ جون چار گاڏيون باهه وسائڻ ۾ مصروف آهن، پر اڃا تائين باهه تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي. فائر برگيڊ عملدارن موجب، باهه دوران سڀني ملازمن کي فيڪٽري مان ڪڍيو ويو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن لانڍي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۾ واقع هڪ فيڪٽري ۾ باهه لڳي وئي هئي، فيڪٽري ڪلاڪن تائين باهه ۾ رهڻ کان پوءِ ڪري پئي.واقعي وقت ڪارخاني ۾ سوين مزدور موجود هئا ۽ انهن پنهنجي جان خطري ۾ وجهي وڏي مشڪل سان پاڻ کي بچايو، جڏهن ته باهه ۾ 7 ماڻهو زخمي ٿي پيا.

پهنجو تبصرو موڪليو