ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد واري علائقي ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ ٻه ڦورو مارجي ويا، جوابدارن کان هٿيار ۽ ٽي موبائل فون هٿ ڪيا ويا. ايس ايس پي سينٽرل ذيشان صديقي موجب، جوابدار نارٿ ناظم آباد ۾ حيدري مارڪيٽ ويجهو هڪ شهري کي ڦري رهيا هئا. جڏهن پوليس اطلاع تي پهتي ته جوابدارن فرار ٿيندي پوليس تي فائرنگ ڪئي. پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ٻه جوابدار زخمي ٿي پيا. انهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي، پر اهي اسپتال منتقلي دوران فوت ٿي ويا. شڪي ماڻهن کان ٽي موبائل فون ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، شڪي ماڻهن جو ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي.










