صدر ٽرمپ هاورڊ يونيورسٽي کان ڇو ٿو ڊڄي؟

صدر ٽرمپ هاورڊ يونيورسٽي کان ڇو ٿو ڊڄي؟

ليکڪ: پرويز هود ڀائي
آمريڪي يونيورسٽين تي سڄي دنيا رشڪ ڪري ٿي. اهي يونيورسٽيون اڪيڊميڪ ڪم جو اعليٰ ترين معيار آهن.انهن ادارن ۾ ٿيندڙ جديد تحقيق، فڪر جي آزادي، ۽ تخليقيت. اهي سڀ خوبيون آهن، جن جي بنياد تي انهن کي عروج مليو. ڄڻ ته آمريڪي يونيورسٽين جي زوال جا آثار هاڻ چٽو نظر اچي رهيا آهن، پوءِ به دنيا جا لکين نوجوان اڃا تائين اهو خواب ڏسندا آهن ته ڪاش، ڪنهن آمريڪي يونيورسٽيءَ ۾ داخلو ملي وڃي.
آمريڪي يونيورسٽين جو عروج انتهائي تيزيءَ سان ٿيو. 1901ع ۾ جڏهن نوبل انعام جو آغاز ٿيو، ته گهڻا انعام جرمن يونيورسٽين کي مليا. آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج جهڙين يونيورسٽين کي رڳو چند ئي مليا. انهن ڏينهن ۾ آمريڪا کي رڳو آئس ڪريم ۽ فٽبال سان وابسته تفريح جي ڪري سڃاتو ويندو هو۽ سندس “ڪائو ڪاليجز” (گئو ڪاليجن) جو به مذاق اڏايو ويندو هو. علم ۽ تعليم ۾ دلچسپي ناياب هئي. پر جڏهن 1939ع کانپوءِ هٽلر جي جبر کان ڀڄي يورپي دانشور آمريڪا پهتا، ته انهن آمريڪا جي يونيورسٽي ڪلچر کي نئين سر اُجاريو. هڪ ڏهاڪي اندر، نوبل انعام، ٽورنگ اوارڊز، پولٽزر پرائز ۽ ٻين اعزازن جا حق دار ايم آءِ ٽي، هارورڊ، ڪولمبيا، اسٽينفورڊ ۽ ٻين آمريڪي ادارن جا بڻيا. انهن ادارن مان گوگل، انٽل، ڪوچ، ڊيل جهڙيون ڪمپنيون پيدا ٿيون، جن آمريڪي معيشت کي آسمان تي پهچايو. ۽ پوءِ هڪ شخص ميدان ۾ آيو، جنهن کي آمريڪي قانون موجب مجرم قرار ڏنو ويو… ۽ اڄ هو آمريڪا جو صدر آهي! اها سندس سوچ آهي ته: “ميڪ آمريڪا گريٽ اگين” (MAGA) جي نالي ۾ آمريڪا کي پنهنجي ئي پير تي کلهاڙي هڻڻ گهرجي.
بائبل بيلٽ وارن علائقن جا لکين ماڻهو، بڊوائزر بيئر 🍺 جا شوقين، فٽبال جا جنوني، ۽ اهڙا ماڻهو، جيڪي پنهنجي ناڪاميءَ جو الزام ميڪسيڪين، مسلمان، ۽ ڪارا فام عورتن تي رکن ٿا . اهي سڀ ٽرمپ جا حمايتي بڻيا. جي ڊي ونس، جيڪو هاڻ آمريڪا جو نائب صدر آهي، جولاءِ 2024ع ۾ بيان ڏنو ته: “پروفيسر ئي اصل دشمن آهن.” ۽ چيو: “يونيورسٽين تي جي جان سان حملو ڪرڻو پوندو.”
مگا (MAGA) جي سرپرستيءَ هيٺ هلندڙ وائٽ هائوس يونيورسٽين ۾ برابري، تنوع، نسلي ۽ محروم گروهن جي حمايت، ماحولي تبديلي، ويڪسين جي افاديت، جهنگلي حيات، ۽ “وِوڪ” (woke) سمجهيل هر موضوع تي پابندي لڳائي ڇڏي. اسرائيل تي تنقيد کي يهود دشمني قرار ڏئي، ان کي قانوني ڏوھ بڻايو ويو.
جيڪڏهن توهان ڏسو ته اسرائيلي فوج غزه جي ٻارن تي گوليون هڻي رهي آهي، ته به توهان ان کي جينو سائيڊ نه ٿا چئي سگهو. هڪ بيمار ذهنيت وارو گروهه بي رحميءَ سان “لبرل اسٽيبلشمينٽ” جو خاتمو ڪري رهيو آهي. نيچر نالي عالمي سائنسي جريدي جي مارچ 2025ع ۾ ڪيل سروي مطابق، 75٪ آمريڪي سائنسدان ملڪ ڇڏڻ جو سوچي رهيا آهن.
ڪولمبيا يونيورسٽي، جيڪا ڪنهن وقت ڪنهن کي پرڪاڻ نه ڏيندي هئي، اڄ حڪومت آڏو جهڪي پئي آهي. ان 220 ملين ڊالر حڪومت کي ادا ڪيا، ۽ 21 ملين ڊالر پنهنجي يهودي ملازمن کي ڏنا جن کي مبينا طور “غيرقانوني طور هراسان ڪيو ويو”.
فلسطين لاءِ مظاهرا ڪرڻ تي پابندي آهي. نصاب مٽايو پيو وڃي. مڊل ايسٽرن اسٽڊيز جي نون استادن کي اسرائيل ۽ يهودي مطالعات سان ڳنڍيو پيو وڃي. بدلي ۾ وفاقي حڪومت ڪولمبيا جي 400 ملين ڊالر جي ريسرچ فنڊنگ جاري ڪندي.
هاڻي ٽرمپ جو ايندڙ نشانو آهي: هارورڊ يونيورسٽي۔
هن چيو ته هاورڊ جا 9 ارب ڊالر روڪيا وڃن. ۽ حڪم ڏنو ته هارورڊ غيرملڪي شاگردن کي ميزباني نٿو ڏئي سگهي.
ان سان شاگردن ۾ بيچيني پکڙجي وئي. هارورڊ عدالت جو دروازو کڙڪايو، ڪيترائي ڪيس داخل ٿيا. انهن يونيورسٽين، جيڪي مالي طور ڪمزور آهن، انهن کي به ڊپ آهي ته ٽرمپ جو غصو ڪٿي انهن تي نه نڪري.
هاورڊ ڪا فرشتن جي درسگاهه نه آهي. ان جو ماضي به ڪجهه داغدار رهيو آهي. 70 جي ڏهاڪي ۾، ايم آءِ ٽي جا شاگرد هارورڊ خلاف مظاهرا ڪندا هئا، ڇو ته هاورڊ ويٽنام جنگ ۾ آمريڪي حڪومت جي مدد ڪري رهيو هو. هتي اميرن جي ٻارن کي ميرٽ کانسواءِ داخلا ملندي هئي . جنرل ايوب، ڀٽو ۽ ٻين جي اولاد کي به اهڙي ئي ريت داخلا ملي هئي. اِهي سڀ ڳالهيون هوندي به، هارورڊ اڃا تائين پنهنجي موٽو “Veritas” (سچ) کي اهميت ڏئي ٿو.
آمريڪي رياست وجود ۾ به نه آئي هئي، ته هارورڊ “سچ” جي شعار تي هلڻ شروع ڪيو هو، ٿوري گهڻي استثنا سان.
هي يونيورسٽي علمي روشن خياليءَ سان جڙيل آهي. ان جو نتيجو آهي ته ڪاسمالاجيءَ کان وٺي حياتيات، انساني نفسيات کان سماجي سائنسن تائين هر شعبي ۾ شاندار تحقيق ٿي آهي.
ته پوءِ: هاورڊ کي خاص ڇا بڻائي ٿو؟
جواب آهي:
علمي آزادي (Academic Freedom) –جيڪا فطرت ۽ انساني سماج بابت سچ ڳولڻ لاءِ ضروري آهي. پروفيسر کي تحقيق لاءِ وسيلن جي فراهمي، شاگردن کي مختلف خيال، مذهب، قوم، جنس، ۽ طبقي وارن سان گڏ رهڻ، انهن جي وچ ۾ سوچ جي ويڪر پيدا ڪري ٿي. سچ ڪڏهن ڪڏهن تلخ ضرور هوندو آهي، پر اِن تلخي مان دانشورانه ترقي جنم وٺي ٿي.
ٽرمپ، پوتن، مودي، ۽ شي جن پنگ جهڙن آمرن کي علمي آزادي وڻي نه ٿي. اهي ان جو خاتمو چاهين ٿا. ڏکڻ ايشيا ۾ جيڪڏهن ڪا هاورڊ جهڙي درسگاهه اڀري رهي هئي، ته اها جواهر لعل نهرو يونيورسٽي (JNU) هئي. 2005ع ۾ مان اتي ليڪچر ڏيڻ ويو هئس، ۽ هڪ پاڪستاني طور جيڪا آزادي اتي محسوس ڪئي، سا مون لاءِ حيرت جوڳي هئي.هاڻ JNU جو گلو گهٽي ڇڏيو ويو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو مستقبل ۾ هاورڊ جو به اهوئي حشر ٿئي.
پاڪستان ۾ ته علمي آزادي جي حالت وڌيڪ خراب آهي۔
برطانوي هند ۾ يونيورسٽين جو مقصد “Veritas” نه پر وفادار انگريزي ڳالهائيندڙ نوڪرن جي پيداوار هو، جيڪي حڪومت هلائي سگهن. آزاديءَ بعد، هندستان کي 16 يا 17 يونيورسٽيون مليون،
جڏهن ته پاڪستان کي صرف جامعه پنجاب. پنجاب يونيورسٽي جو معيار ابتدا ۾ ٺيڪ هو، پر هندو استادن جي موڪلڻ ۽ انگريزن جي موٽڻ بعد، يونيورسٽي زوال پذير ٿي. چند سالن اندر ئي مذھبي انتها پسندن جو قبضو ٿي ويو، ۽ اڄ تائين ائين ئي آهي. اهي انتها پسند ڪنهن به مخالف آواز کي برداشت نٿا ڪن.
اڄ پاڪستان ۾ سوين نام نهاد يونيورسٽيون آهن، جيڪا حقيقت ۾ انڌاري غارون آهن، جتي سوچ جي روشني دٻائي وڃي ٿي. مون قائداعظم يونيورسٽي ۾ 47 سال پڙهايو. ان دوران مون ڪنهن استاد کي علمي آزادي يا تعليم جي معيار جي ڳالهه ڪندي نه ٻڌو. انهن جي دلچسپي صرف انهيءَ ڳالهه ۾ هئي ته تنخواهه ڪيئن وڌائجي يا ترقي ڪيئن حاصل ڪجي۔
“Veritas!”
هي صرف هڪ لفظ نه، پر انهيءَ راز جو نالو آهي، جو ٻڌائي ٿو ته موجوده حالتن ۾ يا ويجهي مستقبل ۾ پاڪستان ۾ هارورڊ جهڙي يونيورسٽي جو خواب ڏسڻ به ممڪن نه آهي۔ هڪ فوجي رياست، جيڪا پنهنجي شهري کي مڪمل ڪنٽرول هيٺ رکڻ چاهي ٿي، ان لاءِ يونيورسٽيءَ جو مطلب يا ته پراپيگنڊه مشين آهي، يا وري ٽيڪنيڪل ڪاليج.
اهڙي رياست لاءِ، هاورڊ جهڙي درسگاهه ناقابلِ برداشت آهي۔
اڪثر پاڪستاني پروفيسر به انهيءَ صورتحال سان خوش آهن، انهن جي نظر ۾ “Veritas” ڪا خوبي نه، پر هڪ رڪاوٽ آهي۔ اصل سوال اهو آهي ته، ٽرمپ جي صدارتي مدت ختم ٿيڻ تائين، هارورڊ پنهنجي قدرن کي بچائي سگهندو؟
(نوٽ ڊاڪٽر هود ڀائي جو هي اهم مضمون سوشل ميڊيا تي سرڪيوليٽ ڪندي مليو جيڪو پنهنجي پڙهندڙن سان شيئر ڪجي ٿو.)

پهنجو تبصرو موڪليو