ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ هڪ پٽ پنهنجي ئي خاندان جي 3 ماڻهن کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب، واقعو حيدرآباد ڪالوني ۾ پيش آيو، جتي هڪ پٽ پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي سالي به فائرنگ ۾ زخمي ٿي پئي ۽ علاج دوران فوت ٿي وئي، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي اطلاع ملندي ئي ڪارروائي ڪئي ۽ جوابدار کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيا، پوليس موجب، مقتول اميد الله پنهنجي زال ۽ ٻارن سان گڏ پنهنجي پيءُ جي گهر نعمت الله ۾ رهندو هو، جڏهن ته جوابدار اعجاز ايئرپورٽ علائقي ۾ رهندو هو. جوابدار جي پستول تي سائلنسر لڳل هو.










