سياسي اختلاف ناھيون ڏسندا صرف عوامي خدمت ڪندا آهيون،شرجيل ميمڻ

سياسي اختلاف ناھيون ڏسندا صرف عوامي خدمت ڪندا آهيون،شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ صوبي جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران پاڪستان فيڊرل يونين آف جنرلسٽس جي عهديدارن جي اعزاز ۾ ڪراچي جي هڪ مقامي هوٽل ۾ شاندار مانجهاندي واري تقريب منعقد ڪئي وئي . تقريب ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي وزير سعيد غني، سنڌ حڪومت جي ترجمان گهنور خان اسراڻ، سمعتا افضال سيد، سعديه جاويد، بلند خان جوڻيجو، عقربه فاطمه، سُکديو آسرداس همناڻي ، نادر نبيل گبول، تحسين عابدي، مصطفي بلوچ ۽ ٻيون اهم شخصيتون شريڪ ٿيون. تقريب ۾ پنجاب، خيبرپختونخوا، بلوچستان ۽ سنڌ مان يونين آف جنرلسٽس جا اعليٰ عهديدارن پڻ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت جي پاليسي صحافين جي تحفظ، فلا ح ۽ اظهارِ راءِ جي آزادي جي اصولن تي ٻڌل آهي. هن چيو ته سنڌ جا سڀ اسپتال پاڪستان جي هر شهري لاءِ مڪمل مفت آهن، ايتري تائين جو ايران، افغانستان ۽ ٻين ملڪن جا مريض به هتي علاج لاءِ ايندا آهن. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪنهن صحافي تي ڪو حملو ٿئي ٿو ته ان کي فوري طور تي تيز ترين علاج لاءِ وڏي کان وڏي اسپتالن ۾ اماڻيو ويندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسين سياسي اختلاف نه ڏسندا آهيون، صرف عوامي خدمت ڪندا آهيون.شرجيل انعام ميمڻ ميڊيا انڊسٽريءَ جي حمايت کي پنهنجي حڪومت جي اوليت قرار ڏيندي چيو ته اسان سدائين ڪوشش ڪئي آهي ته ميڊيا فرينڊلي رهون ۽ ميڊيا جي شعبي کي هٿي ڏيون. هن چيو ته ميڊيا هائوسز ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي قانون تي مڪمل عمل اسان جي پهرين اوليت آهي.هن چيو ته پاڪستان ڀارت تي تاريخي فتح حاصل ڪئي ۽ انهيءَ جو جشن ملهائڻ فخر جهڙي ڳالهه آهي. اڄ پاڪستاني پاسپورٽ جي عزت وڌي رھي آهي، ملڪ ترقي جي راھ تي سفر ڪري رھيو آھي. هن چيو ته سنڌ جي تعليم کاتي ۾ 93 هزار نوڪريون مڪمل شفافيت سان ڏنيون ويون. دنيا جو سڀ کان وڏو هائوسنگ منصوبو سنڌ ۾ هلي رهيو آهي، جنهن تحت 21 لک گهر تعمير ڪيا پيا وڃن.تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته جمهوري معاشرو آزاد عدليا ۽ آزاد صحافت کانسواءِ ناممڪن آهي. عدالتن کي مڪمل آزادي حاصل آهي پر اها آزادي آئين جي دائري ۾ هجڻ گهرجي.سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ادارا آئين جي دائري کان ٻاهر ويندا آهن ته ان جو نقصان رياست کي ٿيندو آهي. ڪي ماڻهو ميڊيا جي روپ ڌاري اصل ۾ ٻين مقصدن لاءِ سرگرم رهن ٿا، جنهن سان ادارن جي ساک متاثر ٿيندي آهي.هن چيو ته ملڪ ۾ مثالي نظام شايد نه هجي، پر موجود نظام بهتر بڻائڻ اسان جي ذميواري آهي.معاونِ خصوصي رضا هارون پنهنجي خطاب ۾ چيو ته خبرن ۾ درستگي ۽ ذميداري ضروري آهي. بلاول ڀٽو سفارتي سطح تي ملڪ لاءِ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون، جڏهن ته صدر آصف علي زرداري ‘پاڪستان کپّي’ جو نعرو ڏئي مفاهمتي سياست کي هٿي ڏني.رضا هارون چيو ته ڪي نادان عنصر، جيڪي پارليامينٽ ۾ آهن، بدقسمتي سان ملڪ دشمن بيانين جي پشت پناهي ڪن ٿا. سندس موجب پرامن احتجاج هر شهري جو حق آهي پر ڏسڻ ضروري آهي ته انتشار پکيڙيندڙ ڪير آهي. هن چيو ته صحافت جمهوريت جو اهم جز آهي ۽ ان کي ڪمزور نه ٿيڻ گهرجي.پي ايف يو جي جي صدر افضل بٽ چيو ته پيپلز پارٽي هميشه ورڪر ۽ مزدور طبقي جي اميدن جو مرڪز رهي آهي. هن ٻڌايو ته پيپلز پارٽي سدائين مزدور دوست ماحول فراهم ڪيو ۽ گذريل 40 سالن کان سندس خلاف منفي تاثر لاءِ سازشون ڪيون ويون. سندس چوڻ هو ته ذوالفقار علي ڀٽو جا مزدور دوست قانون اڄ به مزدورن جي آسا بڻيل آهن. سنڌ ۾ مفت صحت جون سهولتون دنيا جي ڪنهن به فلاحي رياست کان بهتر قرار ڏنيون. هن بين الصوبائي دوري جي تجويز به ڏني.سڪريٽري جنرل پي ايف يو جي ارشد انصاري چيو ته پيپلز پارٽي هر دور ۾ صحافين سان گڏ رهي آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي شهيدن ۽ ڪارڪنن جي جماعت آهي ۽ هميشه صحافين جي حق سان گڏجي رهي. هن وڌيڪ چيو ته لاهور کان آيل صحافين ٿر ۽ سنڌ جي ننڍن شهرن جو دورو ڪيو ۽ صحت جون سهولتون ساراهيون. مٺي جي ماحول کي به وڏي واکاڻ ڏني. سائبر نائيف ٽيڪنالاجي سان ڪينسر علاج کي سنڌ حڪومت جو وڏو قدم قرار ڏنو.تقريب ۾ مظهر عباس چيو ته پيپلز پارٽي يا سنڌ حڪومت ڪڏهن به صحافين تي دٻاءُ نه وڌو ته ڪا خبر لکو يا نه لکو. هن واضح ڪيو ته پارٽي جي اصل طاقت سدائين مزدورن، شاگردن ۽ هارين يونين سان وابسته رهي آهي.آخر ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ معزز مهمانن کي شيلڊز، سنڌي ثقافت اجرڪ ۽ ٽوپي جا تحفا پڻ پيش ڪيا.

پهنجو تبصرو موڪليو