نواب شاهه(ن س) اسلامي جمهوريه پاڪستان جي خاتون اول بيبي آصفه ڀٽو زرداري تعلقي جي چونڊ لاءِ يوسي عبدالله لنڊ جي ڳوٺ فيض محمد پٺاڻ ۾ پهتي، قومي اسيمبلي جي ميمبر بيبي آصفه ڀٽو زرداري ٻوڏ متاثرين لاءِ سنڌ پيپلز هائوسنگ تحت ٺهيل گهرن جو دورو ڪيو، بيبي آصفه ڀٽو زرداري سان گڏ سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو به هئي،بيبي آصفه ڀٽو زرداري گهرن جي عورتن کي ملڪيت جا سرٽيفڪيٽ ورهايا،بيبي آصفه ڀٽو زرداري عورتن سان ملي، متاثرين کان انهن جي مسئلن بابت پڇيو، بيبي آصفه ڀٽو زرداري چيو تھ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري دنيا جي سڀ کان وڏي مفت هائوسنگ منصوبي، کي لاڳو ڪري ڀٽو ازم جي عوامي سياست کي هڪ نئين رخ ڏنو، پاڪستان پيپلز پارٽي نفرت ۽ ورهاست جي سياست جي بدران عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي، سنڌ جي ماڻهن هر اليڪشن ۾ اسان کي اڳ کان وڌيڪ ووٽ ڏنو آهي










