ڌاڙيلن جو چيڪ پوسٽ تي حملو،5 اھلڪار شھيد،جنازي نماز دا

ڌاڙيلن جو چيڪ پوسٽ تي حملو،5 اھلڪار شھيد،جنازي نماز دا

اوٻاوڙو (ن س)پنجاب جي ضلع رحيميار واري علائقي ماهي چوڪ ۾ ايليٽ فورس جي چيڪ پوسٽ تي 40 کان مٿي ڌاڙيلن راڪٽ لانچرن سان حملو ڪري 5 پوليس اهلڪارن کي شهيد ڪري ڇڏيو۽ سرڪاري هٿيار به ڌاڙيل کڻي ويا۔شهيد اهلڪارن مان۔محمد عرفان۔محمد سليم۔تجمل حسين۔خليل احمد ۽ غضنفر شامل آهن جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڌاڙيل به مارجي ويو۔ اطلاع تي پنجاب پوليس جي وڏي نفري موقعي تي پهچي علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو ۔۽ سرچ آپريشن جاري ڪيو ويو شهيد ٿيل اهلڪارن جا مڙھ شيخ زائد اسپتال رحيميار ريفر ڪيا ويا آهن۔شهر مڪمل سوڳ ۾ ورتل آئي جي پنجاب جي هدايت تي پنجاب جي ڪچي واري علائقن ۾ ڏوهارين خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاء پوليس جي وڏي نفري طلب ڪئي وئي آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو