ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ سمنڊ جي ويجهو هڪ مرد ۽ هڪ عورت جا تشدد ٿيل لاش مليا آهن، جڏهن ته گارڊن ۾ هڪ رٽائرڊ پوليس اهلڪار جي پٽ کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي. بوٽ بيسن پوليس اسٽيشن چيو ته چائنا پورٽ جي ويجهو هڪ مرد ۽ هڪ عورت جي لاشن جي ويجهو 9 ايم ايم پستول جا ٻه خول پڻ مليا آهن. پوليس چيو ته عورت ۽ مرد کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي، ٻنهي لاشن تي ڪو به سڃاڻپ دستاويز نه مليو آهي، پر ٻنهي جي عمر 30 کان 35 سالن جي وچ ۾ آهي، پوليس موجب، مليل مرد جي لاش مان هڪ موبائل فون مليو آهي، ۽ ٻنهي لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.هوڏانهن گارڊن جمن شاهه مزار جي ويجهو مليل لاش جي سڃاڻپ هڪ رٽائرڊ پوليس اهلڪار جي پٽ طور ڪئي وئي آهي. پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته مقتول عبدالله جو پيءُ پوليس ۾ اڪائونٽنٽ هو، نامعلوم ماڻهو مقتول عبدالله کي گارڊن هيڊ ڪوارٽر ۾ سندس گهر مان وٺي پيا هيا، عبدالله جي گوليون لڳل لاش 12 ڪلاڪن بعد مليو.










