روهڙي ۾ ڦر مزاحمت تي ڦورن هٿان واپاري قتل،زال تي به تشدد

روهڙي ۾ ڦر مزاحمت تي ڦورن هٿان واپاري قتل،زال تي به تشدد

روهڙي ( ن هه)روهڙي ۾ هٿياربند ڌاڙيلن هڪ واپاري کي ڦر جي مزاحمت ڪرڻ تي عمارت تان اڇلائي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو مارجي ويو، پوليس موجب هٿياربند ڌاڙيلن روهڙي ۾ هڪ واپاري جي گهر مان ڦر ڪئي. جڏهن هن مزاحمت ڪئي ته ڌاڙيلن واپاري جي زال تي تشدد ڪيو ۽ واپاري کي ٻن منزلن واري عمارت تان اڇلائي ڇڏيو، پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واپاري جنهن کي ڌاڙيلن عمارت تان اڇلائي ڇڏيو هو، هو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو، جڏهن ته فوت ٿيل واپاري جي زال اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي، پوليس موجب جوابي ڪارروائي دوران پوليس مقابلي ۾ هڪ ڌاڙيل مارجي ويو، جڏهن ته ٽي ٻيا فرار ٿي ويا، انهن کي ڳولڻ لاءِ ڳولا آپريشن جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو