شڪارپور (رپورٽ: عبد الخالق سومرو) ھمايون ويجھو ريلوي پٽڙي تي ڌماڪو، جعفر ايڪسپريس جون ٽي بوگيون پٽڙي تان لهي ويون. راولپنڊي کان ڪوئٽا ويندڙ جعفر ايڪسپريس کي شڪارپور جي علائقي ھمايون ڀرسان ان وقت حادثو پيش آيو، جڏھن ريلوي پٽڙي تي زور دار ڌماڪو ٿيو. ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٽرين جون ٽي بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، تنهن هوندي به خوشقسمتي سان ڪنھن به جاني نقصان جي اطلاع ناھي ملي. ڌماڪي سبب مسافرن ۾ شديد خوفي پيدا ٿي ويو. اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ علائقي کي ڪڙو چاڙھي گهيري ۾ آندو ويو. جڏهن ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي به طلب ڪيو ويو. پوليس موجب واقعي جي مڪمل جاچ جاري آھي ۽ ڌماڪي جي نوعيت جو تعين ڪيو پيو وڃي. ابتدائي طور تي دهشتگردي يا ڪنهن تخريبڪاري ڪارروائي جي امڪان کي به رد نه ٿو ڪري سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو بہ واقعي واري هنڌ پھتو ۽ صورتحال جو جائزو ورتو. هن موجب واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي، پر ريلوي ٽريڪ کي پھتل نقصان سبب ٽرينن جي اچ وڃ متاثر ٿي آهي. ريلوي اختيارين موجب متاثر ٿيل بوگيون هٽائڻ ۽ ٽريڪ جي بحالي لاءِ امدادي ڪارروائيون جاري آهن.










