چيني شهرين تي حملي ۾ ملوث 3 خارجي مقابلي ۾ ماريا ويا

چيني شهرين تي حملي ۾ ملوث 3 خارجي مقابلي ۾ ماريا ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي منگهو پير علائقي ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) جي ڪارروائي ۾ چيني شهرين تي حملي ۾ ملوث خودڪش بمبار سميت ٽي خارجي مارجي ويا، سي ٽي ڊي دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪراچي جي منگهو پير علائقي ۾ هڪ گهر تي ڇاپو هنيو. ان دوران گهر ۾ موجود دهشتگردن سي ٽي ڊي تي فائرنگ ڪئي. جوابي ڪارروائي ۾ خودڪش بمبار سميت ٽي خارجي مارجي ويا. ڊي ايس پي سي ٽي ڊي راجا عمر خطاب سول اسپتال ۾ ميڊيا کي ٻڌايو ته سي ٽي ڊي ۽ انٽيليجنس ادارن گڏيل آپريشن دوران ڪراچي جي منگهو پير علائقي ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن ڪيو، جنهن ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) سان تعلق رکندڙ دهشتگرد مارجي ويا. راجا عمر خطاب چيو ته سيڪيورٽي ادارن منگهو پير ۾ هڪ گهر تي ڇاپو هنيو جتي دهشتگرد موجود هئا، ۽ آپريشن دوران فائرنگ جي تبادلي ۾ اهي مارجي ويا. حڪومت مارجي ويل دهشتگرد زعفران جي سر تي 20 ملين رپيا انعام رکيو هو. گهر مان دستي بم، خودڪش جيڪٽ ۽ نشانن تي مشتمل هڪ ڊائري ملي آهي. راجا عمر وڌيڪ چيو ته مارجي ويل دهشتگرد گذريل سال چيني شهرين تي حملي ۾ پڻ ملوث هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو