اوٻاوڙو  ۾ هٿياربندن جي فائرنگ،  نوجوان قتل ٿي ويو

اوٻاوڙو ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان قتل ٿي ويو

اوٻاوڙو (ن س)اوٻاوڙو ۾ هٿياربندن جي فائرنگ نوجوان وزير موچي گوليون لڳڻ سبب قتل ٿي ويو،اوٻاوڙو جو رهواسي نوجوان بيڪري هلائيندڙ وزير موچي ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويو۔وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جو نوجوان ڌاڙيل ظهور شر قتل ڪري ويو آهي۔ پوليس ايتري ته ڪمزور ٿي وئي آهي جو ڪچي جا ڌاڙيل سرعام شهر ۾ اچي گوليون هلائي ماڻهون قتل ڪري آساني سان فرار ٿي ويا آهن هنن آئي جي سنڌ ڊي آئي جي سکر ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪندي چيو آهي ته ڏوهارين خلاف جلد ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي طرف ذرايع مان معلوم ٿيو آهي ته ڪجھ سال اڳ ڏوهاري ظهور شر جو ڀاء پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو هو ظهور شر جا الزام هيا ته منهنجو ڀاء موچي برادري مخبري ڪري مارايو آهي جن اهڙو بيان سوشل ميڊيا تي به جاري ڪيو هيو جنهن بعد هي واقعو پيش آيو۔ اهڙي اطلاع بعد سڄي شهر ۾ سوڳ ڇانيل آهي

پهنجو تبصرو موڪليو