ڪراچي (ويب ڊيسڪ)دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر ثمرين حسين ڪجهه ماڻهن جي يونيورسٽي جي معاملن ۾ مداخلت خلاف سنڌ جي وڏي وزير کي پنهنجو استعيفيٰ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، هن ڳالهائيندي چيو ته هوءَ روز مرهه جو ڪم ڪندي رهندي جيستائين سندس استعيفيٰ منظور نه ٿيندي، هن چيو ته هوءَ ڊڪٽيشن نه وٺندي، ميرٽ جي خلاف ڀرتين جي اجازت نه ڏيندي، ۽ نه ئي ادارن ۾ مقرريون ڪندي، ڊاڪٽر ثمرين چيو ته هوءَ آفيس مان صرف پنهنجو ليپ ٽاپ ۽ ڪار پاڻ سان گڏ کڻي آئي هئي،سرڪاري ڊرائيور به يونيورسٽي ڇڏي ويو هو جڏهن ته سرڪاري ڪار ڪڏهن به استعمال ۾ نه هئي.










