موجوده مون سون سسٽم ڪراچي تي اثر انداز نه ٿيندو

موجوده مون سون سسٽم ڪراچي تي اثر انداز نه ٿيندو

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)موسميات کاتي جي ڊي جي مهر صاحبزاد خان چيو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ هڪ ٻيو مون سون سسٽم ڪراچي ۽ حيدرآباد کي گهيرو ڪري سگهي ٿو، موجوده مون سون سسٽم ڪراچي کي متاثر نه ڪندو.ڳالهه ٻولهه دوران مهر صاحبزاد خان چيو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ خليج بنگال ۾ هوا جو گهٽ دٻاءُ هجڻ جو امڪان آهي، جيڪو ڪراچي کي به متاثر ڪري سگهي ٿو.مهر صاحبزاد خان موجب پنجاب، گلگت بلتستان ۽ ڪي پي ۾ تيز برسات جو امڪان آهي، برسات جو سلسلو وڌيڪ ٻن ڏينهن تائين جاري رهي سگهي ٿو.هن چيو ته گلگت ۾ بابوسر نل واري علائقي ۾ تمام گهڻو جاني نقصان ٿيو آهي، لاهور ۾ ايئرپورٽ واري علائقي ۾ صبح کان 108 ملي ميٽر مينهن پيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو