ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن دوران برسات جو امڪان

ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن دوران برسات جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران هلڪي برسات جو امڪان آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر ۾ موسم ڪڪر واري رهندي ۽ ان دوران هلڪي برسات جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب، اڄ شهر ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 33 کان 35 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 29 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.شهر ۾ هوا ۾ نمي 72 سيڪڙو آهي ۽ سامونڊي هوائون 11 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو