اوٻاوڙو (رپورٽر غلام علي رند ) اوٻاوڙو لڳ رونتي ٿاڻي جي حد ڪوش ۽ چاچڙ برادري ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو گوليون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب پنج ڄڻا زخمي جڪ ڄڻو قتل ٿي ويو اوٻاوڙو رونتي ٿاڻي جي حد ڳوٺ رنگ پور ۾ ڪوش برادري ۽ چاچڙ برادر جو زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿيو آهي ۔ جتي گوليون لڳڻ سبب صادق چاچڙ موقعي تي قتل ٿي ويو ۽ پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا اهڙي اطلاع بعد علائقي ۾ ڏهڪاء متل رهيو ڌريون ٻئي طرف مورچا بند ٿي ويون ۔اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال اوٻاوڙو کڻائي آئي جتي لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو زخمين مانافسر چاچڙ۔علي نواز چاچڙ۔هڪ عورت ۽ ٻه ڪوش برادري جا ماڻهو زخمي ٿي پيا جڏهن زخمي سول اسپتال پهتا ته اسپتال اندر ميدان جنگ بڻجي ويو هڪ ٻئي مٿان لٺيون سروٽا هڻي هڪ ٻئي کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو جتي ڊاڪٽر عملي ۾ ڀاڄ پئجي وئي پوليس به نه پهتي زخمين جو داهون اينديون رهيون اطلاع تي دير بعد پوليس پهچي جهيڙي تي ضابطو آندو، ڊاڪٽر جي عملي موجب اگر اسپتال اندر پوليس مقرر هجي ها ته اهڙو واقعو پيش نه اچي ها۔










