سنڌ مان بدامني ختم ڪرايو، جماعت جو آءِ جي تي زور

سنڌ مان بدامني ختم ڪرايو، جماعت جو آءِ جي تي زور

ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ جي اڳواڻي ۾ جماعت اسلامي جي ھڪ وفد اڄ آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ سان سي پي او آفيس ۾ ملاقات ڪئي. وفد سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال، خاص طور تي لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن ۾ خراب حالتن تي پنهنجي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ امن قائم ڪرڻ ۽ عوام جي جان توڙي مال جي حفاظت لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ تي زور ڀريو. صوبائي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو تہ بدامني، ڀتا خوريءَ ۽ ڌاڙيل راڄ جي وڌندڙ آزار ڪري شريف شھري لڏپلاڻ تي مجبور آھن خاص طور تي ھندو برادري عدم تحفظ ۽ ٻٽي عذاب ۾ آھي. اقليتي برادري جي اڪثريت پنھجو ڪاروبار بند ۽ اباڻان گھر ڇڏي وئي آھي جنھن جي ڪري اتان جي ڪاروبار معيشت ۽ زراعت کي ڪاپاري وارو ڌڪ لڳو آھي. ٻئي پاسي قبيلائي جھيڙن بہ معمول جي زندگي مفلوج ۽ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. جهيڙيندڙ ڌرين جا اڪثر سردار تہ پاڻ ۾ کير کنڊ آھن. پارليامينٽ ۾ گڏجي ويھڻ سان گڏوگڏ آھي پرڻو ۽ مرڻو گڏجي کائن ٿا پر پنھجي ھڪ ھٽي کي قائم رکڻ لاءِ برادري کي ھڪ ٻئي جي ڄنڊا پٽ ۾ لڳائي رکيو اھي. جيڪو سراسر ظلم ۽ سنڌ دشمني آھي.قبيلائي جھيڙن جي خاتمي لاءِ سردارن کي قانون جي ڪڙوڪي ۾ ضرور آندو وڃي.سنڌ ۾ امن جي بحالي لاءِ جماعت اسلامي جدوجھد ڪري رھي آھي.ڇوتہ امن سان ئي تعليم ، ڪاروبار معيشت کي ھٿي ملندي ۽ سنڌ ترقي ڪندي .آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ ملاقات ڪندڙ جماعت اسلامي جي وفد کي يقين ڏياريو ته هو ان سلسلي ۾ هر ممڪن قدم کڻندا. جماعت اسلامي جي وفد غلام نبي ميمڻ سان سندس امڙ سانئڻ جي وفات تي تعزيت ڪندي مرحومه لاءِ مغفرت جي دعا پڻ ڪئي. وفد ۾ صوبائي نائب امير حافظ نصرالله چنه، جنرل سيڪريٽري محمد يوسف، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري علامه حزب الله جکرو ۽ معاون خاص زاهد حسين راجپر به شامل هئا.#

پهنجو تبصرو موڪليو