سکر(بيورو رپورٽ ) سنڌ جي زراعت کاتي جي وزير محمد اسماعيل راهو چيو آھي ته وفاقي حڪومت سنڌ جي معاملن تي سنجيده ناهي. وفاق ماڪڙ مار ڦونهاري لاءِ 3 جهاز ڏنا آھن جن کي هلائڻ لاءِ ھڪ پائليٽ مليو آھي هڪ پائلٽ 3 جهاز ڪيئين اڏاري ان ڪري فلائٽ آپريشن رڪيل آھي. ڪمشنر آفيس ۾ ضلعن جي ڊي سيز ۽ زراعت کاتي جي ڪامورن سان گڏجاڻي بعد ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي محمد اسماعيل راهو چيو ته سنڌ سرڪار 7 مهينن کان ماڪڙ خلاف ميدان ۾ آھي. وفاق جي پلانٽ پروٽيڪشن کاتي کي به لکيو آھي. ايمرجنسي مرڪز ٺاهيا ويا آھن. هن چيو ته وفاقي حڪومت ماڪڙ مار ڦونهاري لاءِ 3 جهاز ۽ هڪ پائليٽ ڏنو آھي هڪ پائليٽ 3 جهاز ڪيئين اڏاريندو ان ڪري فلائٽ آپريشن رڪيل آھي. وفاق وڌيڪ پائليٽ گهرڻ تي جواب ڏئي رهيوآھي ته پائليٽ ٽريننگ تي ويل آھن. وفاق سنڌ جي معاملن تي سنجيده ناهي. هن چيو ته سنڌ سرڪار جون 27 گاڏيون فيلڊ ۾ آھن باقي جهاز وفاق وٽ آھن ۽ ماڪڙ مار ڦونهاري لاءِ دوائون به وفاق جي هٿ وس آھن. جيڪڏھن وفاق ڪرائي تي جهاز ۽ پئسن سان دوائون ڏئي ته به سنڌ سرڪار ادائيگي لاءِ راضي آھي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ گورنر راڄ جون ڳالهيون ڪري نه ڊيڄارين پيپلز پارٽي ڊڄڻ ناهي سکي سدائين ڏکين حالتن کي منهن ڏنو آھي.










