عيد تي 5 خاص ٽرينون هلائڻ جو اعلان

عيد تي 5 خاص ٽرينون هلائڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم جي هدايت تي ريلوي وزير حنيف عباسي عيد تي 5 خاص ٽرينون هلائڻ جو اعلان ڪيو. پهرين عيد اسپيشل ٽرين 2 جون تي منجهند 1 وڳي ڪراچي کان لاهور لاءِ رواني ٿيندي. ريلوي ترجمان موجب، ٻي عيد اسپيشل ٽرين 3 جون تي صبح 10 وڳي ڪوئيٽا کان پشاور لاءِ رواني ٿيندي. ٽين ٽرين 3 جون تي لاهور کان ڪراچي لاءِ رواني ٿيندي ۽ چوٿين ٽرين 3 جون جي رات ڪراچي کان راولپنڊي لاءِ رواني ٿيندي. پنجين عيد اسپيشل ٽرين 4 جون تي رات 8 وڳي ڪراچي کان لاهور لاءِ رواني ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو