ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)وفاقي وزير خزانه محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته دنيا پاڪستان جي ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کان مطمئن آهي، پر اسان کي ملائيشيائي ماڊل کي اپنائڻو پوندو.گرين گونگ سڪوڪ تقريب کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي هن چيو ته اڄ ملڪ ۾ شڪرگذاري جو ڏينهن جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي.هن چيو ته اسٽاڪ مارڪيٽ ڪالهه پنهنجي بلند ترين سطح تي بند ٿي.محمد اورنگزيب چيو ته واشنگٽن ۽ لنڊن ۾ سيڙپڪارن سان ملاقاتون ٿيون، دنيا پاڪستان جي ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کان مطمئن آهي.ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان جو پهريون سڪوڪ بانڊ شروع ڪيو پيو وڃي. بجيٽ تي ڪم جاري آهي، اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح ڪئي پئي وڃي، اهي بجيٽ تجويزون پيش ڪري رهيا آهن.هن اهو به چيو ته موسمياتي تبديلي پاڪستان لاءِ خطرو بڻجي چڪي آهي، ماحولياتي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ فنانسنگ تي ڪم جاري آهي.










