ٽرمپ وچ اوڀر جي دوري ۾ اسرائيل کي نظرانداز ڪيو: مليحه لوڌي

ٽرمپ وچ اوڀر جي دوري ۾ اسرائيل کي نظرانداز ڪيو: مليحه لوڌي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي پاڪستاني سفير مليحه لوڌي جو چوڻ آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي وچ اوڀر جي دوري دوران اسرائيل کي پاسيرو ڪري ڇڏيو آهي.ڳالهائيندي مليحه لوڌي چيو ته صدر ٽرمپ جو عرب ملڪن جو دورو تمام اهم هو. ظاهري طور تي، ٽرمپ جو دورو ميگا ڊيلز تي ٻڌل هو. اهو لڳي ٿو ته صدر ٽرمپ هر روز پنهنجي ملڪ جي پرڏيهي پاليسي کي ٻيهر لکي رهيو آهي.مليحه لوڌي چيو ته صدر ٽرمپ حوثين سان جنگ بندي جي معاهدي تي صحيحون ڪيون. صدر ٽرمپ سعودي عرب ۾ چيو ته اهي ايران سان ايٽمي معاهدي جي تمام ويجهو آهن. شام جي صدر ٽرمپ سان ملاقات ڪئي. آمريڪي صدر شام تي پابنديون ختم ڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو