لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ هڪ هڪ قيدي جي مٽا سٽا ڪئي وئي آهي.سيڪيورٽي ذريعن موجب، واگها-اٽاري پوسٽ تي پاڪستان ۽ هندستان مان هڪ هڪ قيدي جي مٽا سٽا ڪئي وئي.سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارتي بارڊر سيڪيورٽي فورس جي پرنام ڪمار شاهه کي ڀارتي اختيارين جي حوالي ڪيو ويو، جنهن جي جواب ۾ پنجاب رينجرز جي محمد الله کي پاڪستاني اختيارين جي حوالي ڪيو ويو.










