اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) واٽر اينڊ پاور ڊولپمينٽ اٿارٽي (واپڊا) دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي صورتحال بابت رپورٽ جاري ڪئي آهي. واپڊا ترجمان موجب، سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي آمد 108,400 ۽ اخراج 82,000 ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته جهلم درياءَ ۾ پاڻي جي آمد 41,900 ۽ اخراج 28,000 ڪيوسڪ آهي.واپڊا ترجمان چيو ته چشمه بئراج تي پاڻي جي آمد 143,900 ڪيوسڪ ۽ اخراج 114,000 ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته هيڊ مرالا تي چناب ۾ پاڻي جي آمد 29,400 ڪيوسڪ ۽ اخراج 10,000 ڪيوسڪ آهي. اهڙي طرح ڪابل درياءَ ۾ پاڻي جو وهڪرو 39,200 ۽ اخراج 39,200 ڪيوسڪ آهي. ترجمان چيو ته تربيلا ۾ پاڻي جي سطح 1462.48 فوٽ آهي، ۽ پاڻي جو ذخيرو 1.5 لک 10 هزار ايڪڙ فوٽ آهي، جڏهن ته منگلا ۾ پاڻي جي سطح 1143.95 فوٽ آهي ۽ پاڻي جو ذخيرو 1.4 لک 79 هزار ايڪڙ فوٽ آهي. جڏهن ته چشما ۾ اڄ پاڻي جي سطح 648.10 فوٽ آهي ۽ پاڻي جو ذخيرو 263,000 ايڪڙ فوٽ آهي، جڏهن ته منگلا ۽ چشما ۾ ڪل پاڻي جو ذخيرو 3252,000 ايڪڙ فوٽ آهي.










