عمران جي جنيد کي پي اي سي تان استعيفيٰ ڏيڻ جي هدايت

عمران جي جنيد کي پي اي سي تان استعيفيٰ ڏيڻ جي هدايت

پشاور(ويب ڊيسڪ) باني چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان قومي اسيمبلي جي ميمبر جنيد اڪبر کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) جي چيئرمين شپ تان استعيفيٰ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.ذريعن موجب عليمه خان پي اي سي جي چيئرمين شپ بابت باني پي ٽي آءِ عمران خان جو پيغام پارٽي قيادت تائين پهچايو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته باني پي ٽي آءِ عمران خان جنيد اڪبر کي پي اي سي جي چيئرمين شپ تان استعيفيٰ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته عليمه خان باني پي ٽي آءِ جو تحريري حڪم پارٽي چيئرمين بئريسٽر گوهر ۽ سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا کي پهچايو.ذريعن موجب، باني پي ٽي آءِ عمران خان جنيد اڪبر کي هدايت ڪئي آهي ته هو پارٽي عهدي تي مڪمل ڌيان ڏئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته امڪان آهي ته عمر ايوب کي جنيد اڪبر جي جاءِ تي پي اي سي جو چيئرمين بڻايو ويندو.ان حوالي سان، جنيد اڪبر جو چوڻ آهي ته هو پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين شپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو جڏهن به باني پي ٽي آءِ عمران خان چوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو