پاڪستان جيڪو ڪيو اهو اثرائتي دفاعي حڪمت عملي تحت ڪيو

پاڪستان جيڪو ڪيو اهو اثرائتي دفاعي حڪمت عملي تحت ڪيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي صلاحڪار رانا ثناءُ الله چيو آهي ته پاڪستان ان وقت جيڪو ڪجهه ڪيو اهو هڪ اثرائتي دفاعي حڪمت عملي تحت ڪيو.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي رانا ثناءُ الله چيو ته ڀارت ڪوڙ ۽ فريب جو رويو اختيار ڪيو، ڀارت ڪوڙ ۽ انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي.رانا ثناءُ الله چيو ته ڀارت رات جو ميزائل حملو ڪيو، اسان مناسب جواب ڏنو، ڀارت کي سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن هن اهو طريقو جاري رکيو ته اسان به جواب ڏينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو