پاڪستاني ڪاروائي، جھندا زيارت ۽ ڀارتي فوج جو هيڊ ڪوارٽر تباهه

پاڪستاني ڪاروائي، جھندا زيارت ۽ ڀارتي فوج جو هيڊ ڪوارٽر تباهه

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان هندستاني فوج خلاف اثرائتي جوابي ڪارروائي ڪئي، ڪيتريون ئي چيڪ پوسٽون ۽ هندستاني فوج جو هيڊ ڪوارٽر تباهه ڪري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪستان حاجي پير سيڪٽر ۾ ڀارتي فوج خلاف اثرائتي جوابي ڪارروائي ڪئي ۽ ڀارتي فوج جي فليگ پوسٽ، زيارت کي تباهه ڪري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته فليگ پوسٽ جي تباهي سبب دشمن کي وڏو نقصان پهتو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪستان پانڊو سيڪٽر ۾ ڀارتي فوج جي خلاف اثرائتي جوابي ڪارروائي ڪئي ۽ بنا ڪنهن اشتعال جي فائرنگ کان پوءِ ڀارتي فوج جو هيڊ ڪوارٽر تباهه ڪري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته نانگا ٽوڪ ۾ ڀارتي بٽالين هيڊ ڪوارٽر کي گولا باريءَ سان سخت نقصان پهتو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب، ماضي ۾ به پاڪستاني فوج جي اثرائتي ڪارروائي جي ڪري دشمن کي وڏو نقصان برداشت ڪرڻو پيو. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳ ۾ اثرائتي جوابي ڪارروائي جي جواب ۾ ڀارت کي ڪيترن ئي چيڪ پوسٽن تي اڇو جهنڊو لهرائڻو پيو. ٻئي طرف، پاڪستان هڪ ٻيو هندستاني هيلي ڪاپٽر ڊرون به ڪيرائي ڇڏيو. بهاولنگر ۾ پاڪستان ايئر ڊفينس هڪ هارپون ڊرون ڪيرائي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو