رافيل جهاز ۽ هندستان جو غرور مٽي ۾ ملائي ڇڏيو: راجا پرويز

رافيل جهاز ۽ هندستان جو غرور مٽي ۾ ملائي ڇڏيو: راجا پرويز

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ڀارت رافيل جهاز ڪيرائي ڇڏيا آهن جن تي ان کي فخر هو، اسان کي پنهنجي فوج تي فخر آهي.قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي راجا پرويز اشرف چيو ته مودي جي سياست نفرت تي ٻڌل آهي، هو هميشه ٺاهيل ڪهاڻيون ٻڌائي پاڪستان تي الزام لڳائيندو آهي.هن چيو ته فالس فليگ آپريشن کان پوءِ ڀارت رات جي اونداهي ۾ حملو ڪيو، اسان جي هٿياربند فوجن سخت جواب ڏنو.هو چوي ٿو ته ڀارت هميشه اسان جي شهري ماڻهن تي حملو ڪندو آهي، پاڪستان صرف فوجي هدفن کي نشانو بڻايو، پوري قوم کي پنهنجي فوج تي فخر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو