راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)ڀارت پاڪستان ۾ 6 هنڌن تي ميزائل فائر ڪيا آهن، جن ۾ شهري آبادي ۽ مسجدن کي نشانو بڻايو ويو آهي، ڊائريڪٽر جنرل انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (ڊي جي آءِ ايس پي آر) ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري اڄ صبح پوڻي ڏهين وڳي اپڊيٽ ڏيندي ٻڌايو ته ڀارت جي بزدلاڻن حملن ۾ 31 پاڪستاني شهيد ۽ 57 زخمي ٿيا آهن. هن ٻڌايو ته ڀارت جي 3 جديد فرانسيسي رفال جنگي جهازن سميت 5 جهاز، هڪ ڪامبيٽ ڊرون ۽ ڪيترائي ڪواڊڪاپٽر ڪيرايا آهن. پاڪستان ڀارت جي هوائي حدن ۾ داخل ناهي ٿيو، پنهنجي هوائي حدن ۾ رهي جوابي ڪاروايون ڪيون آهن، جنهن وقت ڀارت حملوڪيو ان وقت 57 انٽرنيشنل ايئرلائينز جا جهاز پاڪستاني ايئر اسپيس ۾ موجود هئا. هي ڀارت جو انتهائي غير ذميواراڻي ڪاروائي آهي. هن ٻڌايو ته ڀارت نيلم جهلم هائيڊرو پروجيڪٽ تي به حملو ڪيو ۽ نقصان پهچايو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بزدل ڀارت اڄ رات هڪ وڳي جي لڳ ڀڳ پاڪستان تي بنا سبب حملا ڪيا. ڀارت طرفان پاڪستان ۾ 6 هنڌن تي 24 حملا ڪيا ويا. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري ٻڌايو ته بهاولپور جي تعلقي احمد پور شرقيه ۾ حملن ۾ 13 عام شهري شهيد ٿيا آهن، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهي.هن چيو ته لاهور لڳ مريدڪي ۾ هڪ مسجد تي حملو ڪيو ويو جنهن ۾ 3 شهري شهيد ٿيا، مظفر آباد ۾ مسجد بلال کي نشانو بڻايو ويو، هڪ ڇوڪري زخمي ٿي، مسجد کي نقصان پهتو، جڏهن ته ڪوٽلي ۾ مسجد عباس کي نشانو بڻايو ويو. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، سيالڪوٽ جي ڳوٺ ڪوٽلي لوهاران ۾ هڪ شيل ڪريو آهي، ۽ شڪر ڳڙهه ۾ هڪ ڊسپينسري کي به نقصان پهتو، ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستاني فوج دشمن جي بي بنياد حملي جو مناسب جواب ڏئي رهي آهي، اڄ اسان ميڊيا کي انهن هنڌن تي وٺي وينداسين ته جيئن سڄي دنيا ڀارت جي ننگي جارحيت ڏسي سگهي.
ڀارت جي غير ذميواراڻي قدم ٻن ايٽمي طاقتن کي هڪ وڏي جنگ جي ڪناري تي آڻي ڇڏيو: پرڏيهي آفيس
هندستاني ميزائل حملي تي رد عمل ظاهر ڪندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان ڀارت جي بي سبب ۽ کليل جارحيت جي سخت مذمت ڪريون ٿا. ڀارتي هوائي فوج ڀارتي سرحدن کان اسٽينڊ آف هٿيارن سان پاڪستان جي خودمختياري کي نشانو بڻايو. ترجمان وڌيڪ چيو ته مريدڪي، بهاولپور، ڪوٽلي ۽ مظفر آباد ۾ شهري آبادي کي نشانو بڻايو ويو. ڀارتي حملي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترائي معصوم شهري شهيد ٿيا.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارتي جارحيت هوائي حدن ۾ ڪمرشل پروازن لاءِ سنگين خطرو پيدا ڪيو. ڀارتي حملو گڏيل قومن جي چارٽر ۽ بين الاقوامي قانونن جي خلاف ورزي آهي. پهلگام حملي کان پوءِ، ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر غلط بياني سان خطي جي امن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو. ڀارت جي غير ذميواراڻي قدم ٻنهي ايٽمي طاقتن کي هڪ وڏي جنگ جي ڪناري تي آڻي ڇڏيو آهي.ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان مناسب وقت ۽ جڳهه تي جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. گڏيل قومن جي چارٽر ۽ بين الاقوامي قانون جي آرٽيڪل 51 تحت، پاڪستان کي ڪنهن به ڪارروائي جو حق آهي. پاڪستاني قوم، حڪومت ۽ هٿياربند فوجون ڀارتي جارحيت خلاف متحد آهن. پاڪستان هر قيمت تي پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو دفاع ڪندو.
هندستاني دفاع واري وزارت جو پاڪستان تي حملن جي تصديق
هندستاني دفاع واري وزارت پاڪستان ۾ حملن جي تصديق ڪري ٿي هندستاني دفاع واري وزارت دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ 9 هنڌن تي حملو ڪيو ويو آهي.
هوائي حدون بند، سڀئي پروازون رد
هندستان جي حملي کان پوءِ، هوائي حدون بند ڪيون ويون ۽ سڀئي پروازون رد ڪيون ويون، هوائي ذريعن جو چوڻ آهي ته هوائي حدون 48 ڪلاڪن لاءِ بند ڪيون ويون هيون، جنهن لاءِ هڪ نوٽم جاري ڪيو ويو آهي.
مظفر آباد جي سڀني اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو
ڀارتي ميزائل حملي کان پوءِ مظفر آباد جي سڀني اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.مظفر آباد جي شنوائي نالا علائقي مان ٻن ڇوڪرين کي زخمي حالت ۾ سي ايم ايڇ منتقل ڪيو ويو آهي.ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سيالڪوٽ جو چوڻ آهي ته سيالڪوٽ جي سڀني اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته سرڪاري ملازمن جون موڪلون منسوخ ڪيون ويون آهن.

ڀارت پاران ڪيل حملي جو ڏيک

ڀارتي حملي ۾ شهيد ٿي ويل مسجد

پاڪستان پاران ڪيرايل ڀارتي ڊرون










