ڀارتي اشتعال انگيزي باوجود پاڪستان جو ردعمل ذميوارڻو آهي: وزيراعظم

ڀارتي اشتعال انگيزي باوجود پاڪستان جو ردعمل ذميوارڻو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته والاريل ڪشمير جي پهلگام علائقي ۾ ميدانن تي فائرنگ جي واقعي کانپوءِ ڀارت جي اشتعال انگيز ڪاررواين جي باوجود پاڪستان جو جواب ذميواراڻو رهيو آهي.ترڪ سفير وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران شهباز شريف ترڪ صدر رجب طيب اردگان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پهلگام واقعي کان پوءِ ڀارت جي اشتعال انگيز ڪاررواين جي باوجود، پاڪستان جو ردعمل ذميواراڻو رهيو آهي. پاڪستان هميشه هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪئي آهي. هندستان جا ڪارروايون پاڪستان جي دهشتگردي خلاف ڪوششن تان ڌيان هٽائڻ جي هڪ مذموم ڪوشش آهي. هن چيو ته ڀارت پاڪستان کي پهلگام واقعي سان ڳنڍڻ جي سازش ڪري رهيو آهي. ڀارت پهلگام واقعي ۾ پاڪستان جي ملوث هجڻ جو ڪو به ثبوت فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. پاڪستان جي وزيراعظم چيو ته ڀارت کي پاڪستان جي هڪ قابل اعتماد، شفاف ۽ غير جانبدار بين الاقوامي جاچ جي آڇ جو جواب ڏيڻو پوندو. پاڪستان اهڙي جاچ ۾ مڪمل تعاون ڪندو ۽ جيڪڏهن ترڪي ان ۾ شامل ٿئي ٿو ته ان جو استقبال ڪيو ويندو. هن چيو ته ترڪي جي پاڪستان جي حمايت ٻنهي ملڪن ۽ انهن جي عوام جي وچ ۾ تاريخي ۽ گهري ڀائراڻي لاڳاپن جو عڪاس آهي. پاڪستان هن وقت مڪمل طور تي پنهنجي معاشي بحالي ۽ ترقي تي ڌيان ڏئي رهيو آهي. ان موقعي تي ترڪ سفير چيو ته ترڪي پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته موجوده بحران ۾ صبر کان ڪم وٺڻ جي ضرورت آهي ته جيئن خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽجي ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ سلامتي برقرار رهي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو