اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) ڀارت طرفان لائن آف ڪنٽرول تي سيز فائر جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي جنهن تي پاڪ فوج فوري طور تي ڪارروائي ڪندي منهن ٽوڙ جواب ڏيندي دشمن جا ڪيترائي مورچا تباهه ڪري ڇڏيا.سيڪيورٽي ذريعن موجب پهلگام فالس فليگ کان پوءِ ڀارت طرفان لاڳيو جارحانه قدم کنيا پيا وڃن. انهي دوران 29 ۽ 30 اپريل جي وچ واري رات لائن آف ڪنٽرول تي ڇتي فائرنگ ڪئي وئي، ذريعن ٻڌايو آهي ته ڀارت طرفان لائن آف ڪنٽرول جي ڪياني ۽ منڊل سيڪٽرز ۾ ڇتي فائرنگ ڪئي وئي. ڀارت طرفان ڪيل فائرنگ ۾ ننڍن هٿيارن جو استعمال ڪيو ويو جنهن تي پاڪ فوج طرفان جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارتي فوج کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو. پاڪستان جي هٿياربند فوج طرفان موثر جواب سبب دشمن کي خاموش ڪرايو ويو.سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج جي موثر جواب سبب دشمنن جا ڪيترائي مورچا تباهه ٿيڻ جون به رپورٽون آهن جن ۾ والاريل ڪشمير ۾ واقع لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي چڪپترا پوسٽ کي تباهه ڪيو ويو. انهي کان اڳ ڀارت والاريل ڪشمير جي سرحدي علائقن کي به خالي ڪرائي ورتو آهي ۽ مسلمانن جي خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارت طرفان اهو چڙ ڏياريندڙ جنگي جنون آهي پاڪ فوج ملڪي سالميت جي دفاع لاءِ هر وقت تيار آهي.










