لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته بارڊر تي تازي صورتحال کان ڊڄڻو ناهي، هر شيءَ جو بهادري سان مقابلو ڪرڻو آهي. صوبائي راڄڌاني ۾ هوشيار اسڪالر شپ ۽ ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته لاهور ڊويزن جي 14 هزار ٻارن کي ليپ ٽاپ ڏنا پيا وڃن، ليپ ٽاپ ۽ اسڪالر شپس پروگرام ۾ ٻارڙين جو حصو وڌيڪ رکيو ويو آهي.هن چيو ته سياست کي ماڻهو خراب سمجهندا آهن، سياست خدمت جو نالو آهي، هوشيار شاگرد اڄ جا سپر اسٽار آهن، شاگردن کي ميرٽ تي ليپ ٽائپ ۽ اسڪالر شپس ڏني پئي وڃي، هر سال هڪ لک ليپ ٽاپ شاگردن کي ڏنا پيا وڃن.پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته مريم نواز ٻارن کي محنت جو ثمر مليو، اهو ٻارن جو حق آهي، صرف پنجاب نه سموري پاڪستان جو مستقبل روشن آهي، افسوس گذريل پنج سالن کان ليپ ٽاپ کان شاگرد محروم رهيا. مريم نواز خطاب دوران تعليم واري وزير رانا سڪندر حيات جي شاگردن جي لاءِ ڪيل ڪاوشن ۽ قدمن جي به تعريف ڪئي.هن چيو ته مان تمام گهڻي مشڪل مرحلي مان گذري آهيان جيل ۾ هئس ته والده فوت ٿي وئي، ڊيٿ سيل ۾ رهيس، پر ڪڏهن به همت نه هاري، مان اوهان جي مائرن جيان آهيان اوهان جي سمورن خوابن کي پورو ڪندس.پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته بارڊر تي ٽينشن آهي، ڊڄڻو نه آهي، هر شيءَ جو بهادري سان مقابلو ڪرڻو آهي، قوم جا پٽ، ڌيئرون پاڪ فوج کي ميسيج اماڻين، اسان سڀ انهن سان گڏ آهيون، قوم سيڪيورٽي فورسز سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل آهي، اوهان جو تعلق ڪنهن به سياسي پارٽي سان هجي اوهان جو هر قدم ملڪ جي ڀلائي لاءِ اٿڻ گهرجي.










