اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جو ڌيان هاڻي ڊگهي مدي واري معاشي تبديلي تي آهي.ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ۽ پاڪستاني سفير رضوان سعيد شيخ هارورڊ پاڪستان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي.اعليٰ سطحي پاڪستان ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان جي معاشي ڪاميابين کي اجاگر ڪيو ويو آهي.هن چيو ته افراط زر ۾ گهٽتائي، پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ واڌ، ڪرنسي جي استحڪام ۽ مالي سرپلس اهم ڪاميابيون آهن.










