مصنوعي دماغي ماڊل، چيني خلائي مشن اسٽيشن تي پهچي ويو

مصنوعي دماغي ماڊل، چيني خلائي مشن اسٽيشن تي پهچي ويو

بيجنگ(ويب ڊيسڪ)چين جا 3 خلاباز جيڪي تيانگونگ اسپيس اسٽيشن تي پهچي ويا آهن. هي خميس ڏينهن شنزو-20 خلائي جهاز ذريعي جيوچوان سيٽلائيٽ لانچ سينٽر مان روانو ٿيا هئا. هي خلائي جهاز، جيڪو ڪمانڊر چن ڊانگ ۽ سندس ساٿين چن جونگرئي ۽ وانگ جي کي کڻي آيو، جيوچوان سيٽلائيٽ لانچ سينٽر مان لانگ مارچ 2F راڪيٽ ذريعي صبح 5:17 اي ايم ايسٽرن وقت (0917 يو ٽي سي) تي لانچ ٿيو. اهي ٽيئي خلا باز جلد ايندڙ ڏينهن ۾ تيانگونگ جي ڪنٽرول جي ذميواري موجوده شنزو-19 عملدارن کان چارج وٺي پنهنجي ڇهن مهينن وارو مشن شروع ڪندا.هي مشن مصنوعي دماغ جا ماڊل تيار ڪرڻ ۽ سپر ڪنڊڪٽنگ مواد جي تياري بابت تجربا ڪندا. هن خلائي اسٽيشن تي موجود ٽيم شنزو-19 جي ڪمانڊر ڪائي شوزي ۽ ساٿي سونگ لنگڊونگ ۽ وانگ هاوزي، 29 اپريل جي شروعاتي ايسٽرن وقت تي ڌرتي تي واپس اچڻ جو ارادو رکن ٿا، جن جي لهڻ جي جاءِ جيوچوان ويجهو ڊانگفانگ آهي. شنزو-20 تيانگونگ تي پهچڻ وارو ڇهون ٽه رڪني مشن آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو