پشاور (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌو درياءَ مان ڪينال ڪڍڻ خلاف قرارداد جي منظوري کان پوءِ خيبرپختونخواهه حڪومت چشما رائٽ بينڪ ڪينال منصوبي بابت سرگرم ٿي وئي آهي.نجي ٽي وي موجب، ڪي پي آبپاشي کاتي ڪي پي جي وڏي وزير کي منظوري لاءِ سفارشون موڪليون، جنهن ۾ وڏي وزير کي صوبائي اسيمبلي ۾ هڪ قرارداد منظور ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.سفارشن ۾ چيو ويو آهي ته چشما رائٽ بينڪ ڪينال منصوبي کي سنڌ اسيمبلي جي قرارداد مان خارج ڪرڻ جو مطالبو ڪيو وڃي، سنڌ اسيمبلي پاران منظور ڪيل قرارداد جو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اٿاريو وڃي، ۽ جيڪڏهن حڪومت ڪا ٻي ڪارروائي ڪرڻ چاهي ٿي ته حڪم جاري ڪري.ان حوالي سان دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته چشمه رائٽ بينڪ ڪينال منصوبو خيبر پختونخواه جو پاڻي استعمال ڪندو. وفاقي حڪومت 30 سالن کان پوءِ چشمه رائٽ بينڪ ڪينال منصوبي جي منظوري ڏني. منصوبي جي فنڊ پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام مان ادا ڪرڻا هئا، پر وفاق ائين نه ڪيو. منصوبي جي اهميت کي ڏسندي، حڪومت صوبائي خزاني مان قيمت جو 35 سيڪڙو ادا ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي.ان حوالي سان جيو نيوز سان ڳالهائيندي خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف چيو ته چشمه رائٽ بينڪ ڪينال منصوبو خيبرپختونخواهه جو حق آهي ۽ منصوبي کي هر قيمت تي يقيني بڻايو ويندو.هن چيو ته هي منصوبو خيبرپختونخواه ۾ لکين ايڪڙ بنجر زمين کي پوک لائق بڻائيندو. ٻين ٽن صوبن 1991 جي معاهدي تحت واهه ٺاهيا آهن، پر وفاقي حڪومت جي ڪري سي آر بي سي تي ڪم اڃا تائين شروع نه ٿي سگهيو آهي.










