اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) اڄ کان 27 اپريل تائين ملڪ ۾ گرمي جي لهر جي اڳڪٿي ڪئي آهي.اين ڊي ايم اي پاران جاري ڪيل ايڊوائزري موجب، اڄ خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي.ٻئي طرف، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ گرمي پد جيڪب آباد ۾ 43 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.ايڊوائزري موجب مٺي، بهاولنگر ۽ نوابشاهه ۾ گرمي پد 42 ڊگري سينٽي گريڊ، ڪراچي، قصور، لسبيلا 41، لاهور 38، اسلام آباد 36، پشاور 35، مظفرآباد 33، ڪوئيٽا 25 ۽ گلگت 22 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.اين ڊي ايم اي هڪ ايڊوائزري جاري ڪئي آهي ته اڄ کان 27 اپريل تائين ملڪ ۾ سخت گرمي جي لهر جو امڪان آهي.










