نيا پاڪستان هائوسنگ، ساڍا پنج هزار کدڙن جون درخواستون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيشنل ڊيٽا بيس اٿارٽي يعني نادرا پاران جاري ڪيل ڊيٽا موجب نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم ۾ 19 لک کان وڌيڪ ماڻهن گهرن لاءِ درخواستون ڏنيون آهن. جن ۾ ساڍا پنج هزار کدڙا فقير شامل آهن. درخواست گذارن ۾ 184355 ڪچين آبادين جا رهائشي، 36654 بيواهه، 9325 طلاق يافته شامل آهن. گذريل مهيني حڪومت آخري تارخ ۾ 15 ڊسمبر تائين واڌ ڪئي هئي ۽ جيئن تارخ ويجهي پئي اچي ته درخواست گذارن جو تعداد به وڌي رهيو آهي. نادرا موجب هن مهل تائين 19 لک 18 هزار درخواستون مليون آهن جن مان 10 لک کان وڌيڪ ماڻهن آن لائن درخواست ڏني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو