اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو عوامي جلسي ۾ جيڪو چيو اهو هڪ پرجوش تقرير هئي ۽ ان تي رد عمل ڏيڻ جي ضرورت ناهي،ڳالهائيندي رانا ثناءُ الله چيو ته سنڌ کي نقصان نه پهچايو ويندو، سنڌ جو پاڻي جو هڪ ڦڙو به چوري ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي، سنڌ حڪومت ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي، هي معاملو وزيراعظم جي نوٽيس ۾ آندو ويو آهي ۽ وزيراعظم ان معاملي تي مناسب فيصلو ڪندو. هن چيو ته بلاول عوامي جلسي ۾ پرجوش تقرير ڪئي، پرجوش تقرير ۾ گهڻو ڪجهه ٿيندو آهي، بلاول جي چوڻ تي رد عمل ڏيڻ جي ضرورت ناهي، پر بيان هڪ دائري ۾ هجڻ گهرجن، ٻين لاءِ عزت ۽ احترام هجڻ گهرجي، پيپلز پارٽي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي، وزيراعظم طريقيڪار ترتيب ڏيندو.










