ڪابل (ويب ڊيسڪ)ڪابل ۾ پاڪ-افغان ڳالهين دوران پرڏيهي وزير اسحاق ڊار افغانستان جي عبوري وزيراعظم ملا محمد حسن اخوندزاد ۽ سندس افغان هم منصب امير خان متقي سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران انهن سيڪيورٽي سميت ٻطرفي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار افغان عبوري وزيراعظم ملا محمد حسن اخوندزاد سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران انهن سيڪيورٽي، واپار ۽ ٽرانزٽ تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي،پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ملاقات ۾ عوامي رابطن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي به تفصيلي بحث ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪابل پهچي ويو آهي. هي دورو ڪابل ۾ پاڪ-افغان گڏيل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس جي تازي دور جي پٺيان آهي، جنهن ۾ پاڪستاني وفد جي اڳواڻي افغانستان لاءِ پاڪستان جي خاص نمائندي سفير صادق خان ڪري رهيو آهي.










