پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور سميت خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ طوفان ۽ ڳڙي سان برسات پئي. پشاور سميت خيبرپختونخواهه جي مختلف ضلعن ۾ برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿي ويو آهي. تيز مينهن ۽ ڳڙي جي ڪري گرمي جي شدت گهٽجي وئي آهي. برسات کان پوءِ مختلف علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي. موسميات کاتي موجب، ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين برسات جاري رهندي. پي ڊي ايم اي پاران برساتن کي نظر ۾ رکندي احتياطي تدبيرن لاءِ لاڳاپيل ضلعن جي ضلعي انتظاميا کي خط پڻ موڪليو ويو آهي، جڏهن ته پي ڊي ايم اي ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ عملي جون موڪلون منسوخ ڪري ڇڏيون آهن. ريسڪيو 1122 جي عملدارن هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀني ضلعي هيڊ ڪوارٽرز کي پڻ الرٽ ڪري ڇڏيو آهي.










