مريم نواز جيترو ظلم برداشت ڪري سگهي، اوترو ڪري

مريم نواز جيترو ظلم برداشت ڪري سگهي، اوترو ڪري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر سيف چيو آهي ته بدمعاش حڪومت باني پي ٽي آءِ عمران خان جي ڀينرن کان ڊڄي ٿي، مريم نواز کي جيترو ظلم برداشت ڪري سگهي ٿي اوترو ڪرڻ گهرجي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني جي ڀينرن سان ڪيل سلوڪ مذمت جوڳو آهي. بئريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته سندس ڀينرن جو عمران خان سان ملاقات هڪ آئيني ۽ قانوني حق آهي. چون ٿا ته ملاقات ڪرڻ بدران، باني پي پي ٽي آءِ جي ڀينرن کي گرفتار ڪري ويران حالت ۾ ڇڏيو ويو. پنجاب حڪومت جو هي قدم عدالتي حڪمن جو مذاق اڏائڻ جي برابر آهي. بئريسٽر سيف اهو به چيو آهي ته پنجاب حڪومت عدليه جي آزادي جو جنازو ڪڍي رهي آهي، ۽ عدليه کي آئين ۽ قانون جي خلاف ورزي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو