سنڌ حڪومت آءِ جي آڏو بيوس، سندس خلاف ٺهراءُ منظور

سنڌ حڪومت آءِ جي آڏو بيوس، سندس خلاف ٺهراءُ منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ پبلڪ سيفٽي ڪميشن جي اجلاس ۾ مسلسل ٻيو ڀيرو آءِ جي سنڌ جي غير حاضري تي وڏي وزير پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سندس خلاف ٺهراءُ منظور ڪيو ويو.وڏي وزير اجلاس کي ٻڌايو ته آءِ جي سنڌ ڪليم امام کيس فون ڪري چيو ته وزيراعظم ايمرجنسي ۾ اجلاس گهرايو آهي ان ۾ اسلام آباد پيو وڃان. اجلاس ۾ چيو ويو ته وزيراعظم وارو اجلاس ٽي هفتا اڳ طئي هو ايمرجنسي اجلاس نه هو. وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت کي باءِ پاس ڪري سنڌ جي آفيسرن کي دعوت پئي موڪلي جيڪو صوبائي خودمختاري جي خلاف آهي.جمعي ڏينهن ٿيل اجلاس ۾ بعد ۾ ايڊيسنل آءِ جيز بابر يعقوب منهاس، غلام النبي ميمڻ ۽ ٻين آفيسرن کي گهرائي کين ٺهراءَ بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ پبلڪ سيفٽي ڪميشن جا رولز منظور ڪرڻا هئا ۽ آءِ جي کي اهم معاملن بابت بريفنگ ڏيڻي هئي پر هو لنوائي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو