راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي جي تحصيل ڪلر سيدان ۾ گئس ليڪ ٿيڻ سبب ٿيل ڌماڪي ۾ چار ماڻهو زخمي ٿي پيا.ريسڪيو عملدارن موجب، واقعو راولپنڊي جي تحصيل ڪلر سيدان جي ڳوٺ مورا ديال ۾ پيش آيو.حادثي ۾ ٽن ننڍين ڇوڪرين سان گڏ هڪ ڇوڪري پڻ زخمي ٿي پئي.ريسڪيو ٽيم فوري طور تي متاثر ماڻهن کي طبي امداد فراهم ڪرڻ کان پوءِ اسپتال منتقل ڪيو.










