اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته مون سياسي روزو رکيو آهي، خبر آهي ته روزو کولڻ جو وقت هوندو آهي، وقت اچڻ تي روزو کوليندس.سپريم ڪورٽ جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي شيخ رشيد چيو ته اهو روزو ڊگهو نٿو ٿي سگهي، مان 17 ڀيرا وزير رهيو آهيان، خبر آهي ته روزو ڪڏهن کولڻو آهي، سياست ۾ وقت جي چونڊ تمام گهڻو ضروري هوندي آهي.










