20 ڏينهن کان هلندڙ ڌرڻو ختم ڪرڻ  ۽ ريليون ڪڍڻ جو اعلان

20 ڏينهن کان هلندڙ ڌرڻو ختم ڪرڻ ۽ ريليون ڪڍڻ جو اعلان

لڪپاس (ويب ڊيسڪ)بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) مستونگ جي علائقي لڪپاس ۾ گذريل 20 ڏينهن کان جاري ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.پي اين پي جي سربراهه اختر مينگل ڌرڻي جي خاتمي جو اعلان ڪندي چيو ته سندس پارٽي ماڻهن کي درپيش مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي ڌرڻي جي بدران ضلعن ۾ احتجاجي ريليون منعقد ڪندي.اختر مينگل چيو ته مستقبل جو طريقو 18 اپريل تي ڪوئيٽا ۾ بي اين پي جي مرڪزي ڪابينا جي اجلاس ۾ طئي ڪيو ويندو.بي اين پي سربراهه اختر مينگل بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ احتجاجي ريلين جي شيڊول جو به اعلان ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو