اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته چين هر موقعي تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، آءِ ايم ايف پروگرام ۾ چين جو ڪردار به مثالي هو.ايگريڪلچر اسڪالرشپ پروگرام کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته پاڪستان جا ايگريڪلچر گريجوئيٽ اعليٰ تعليم لاءِ چين وڃي رهيا آهن.هن چيو ته پاڪستان چين ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن جي تجربن مان فائدو حاصل ڪندو، ۽ پاڪستاني شاگردن کي اسڪالرشپ فراهم ڪرڻ تي چيني حڪومت جو شڪرگذار آهي.وزيراعظم چوي ٿو ته زرعي يونيورسٽي ۾ ڪيل تحقيق کيس متاثر ڪيو. هن چين جي دوري دوران اتي زرعي يونيورسٽي جو دورو ڪيو. پاڪستاني شاگرد بيجنگ ۽ اسلام آباد جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪندا.شهباز شريف وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي ترقي ۾ نوجوانن جو ڪردار اهم آهي، ۽ اسڪالرشپ پروگرام لاءِ زرعي گريجوئيٽس کي ميرٽ تي چونڊيو ويو، ۽ زرعي گريجوئيٽس کي آزاد ڪشمير، جي بي ۽ چئني صوبن مان چونڊيو ويو.هو اهو به چوي ٿو ته اسڪالرشپ تي چين وڃڻ وارن گريجوئيٽس ۾ بلوچستان جو ڪوٽا 10 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي.










