اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان ۾ چيني سفير جيانگ زي تنگ چيو آهي ته سي پيڪ بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو (بي آر آءِ) جو هڪ شروعاتي ۽ اهم منصوبو آهي. سي پيڪ تحت 25.4 ارب ڊالر جي سڌي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي. سي پيڪ هڪ خوشحال مستقبل جي ضمانت آهي.چيني سفير جيانگ زيدونگ زرعي اسڪالرشپ پروگرام کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا صحيح رخ ۾ تيزي سان اڳتي وڌي رهيا آهن.هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف عهدو سنڀالڻ کان ڪجهه مهينن بعد چين جو ڪامياب دورو ڪيو. پنهنجي دوري دوران، هن چيني صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي، ٻطرفي لاڳاپن جي سڀني پهلوئن تي بحث ڪيو، ۽ مختلف معاملن تي اتفاق راءِ تي پهتا.










