لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي سينئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ماحولياتي تحفظ واري فورس جو قيام وقت جي ضرورت آهي.لاهور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ملڪ جي پهرين ماحولياتي تحفظ فورس ٺاهي وئي هئي، پر ماضي ۾ ماحول جي حفاظت لاءِ ڪو به ڪم نه ڪيو ويو.مريم اورنگزيب چيو ته پنجاب حڪومت پهرين ڏينهن کان ماحول جي تحفظ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. ماحولياتي تحفظ فورس جو قيام پنجاب جي وڏي وزير جي عزم جو عڪاسي آهي.










