ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)ڪوئيٽا شهر ۽ ان جي ويجهن علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.زلزلي جي مرڪز موجب، زلزلي جي شدت 3 ۽ کوٽائي 12 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.زلزلي پيمائش مرڪز موجب زلزلي جو مرڪز ڪوئيٽا کان 90 ڪلوميٽر اولهه ۾ هو.زلزلي جي ڪري ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي في الحال ڪا به رپورٽ ناهي.










