دهشتگردي پوري خطي جي لاءِ هڪ مستقل ۽ گڏيل خطرو آهي

دهشتگردي پوري خطي جي لاءِ هڪ مستقل ۽ گڏيل خطرو آهي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ ايراني سفارتخاني جو سيستان ۾ قتل ٿيل 8 پاڪستانين جي قتل تي بيان سامهون اچي ويو آهي. ايراني سفارتخاني طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سيستان جي شهر مهرستان ۾ 8 پاڪستاني شهرين تي هٿياربند حملي جي سخت مذمت ڪريون ٿا، اهو غير انساني ۽ بزدلاڻو واقعو برداشت ڪرڻ جوڳو نه آهي.ايراني سفارتخاني چيو آهي ته دهشتگردي پوري خطي جي لاءِ هڪ مستقل ۽ گڏيل خطرو آهي، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي مڪمل خاتمي لاءِ سمورن ملڪن کي گڏيل جدوجهد ڪرڻي پوندي.سفارتخاني طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو رجحان گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان بيگناهه انسانن جون حياتيون ڳڙڪائي چڪو آهي، خطي ۾ امن استحڪام جي لاءِ اجتماعي ۽ گڏيل ڪوششون وقت جي اهم ضرورت آهن. وزيراعظم شهباز شريف به ايراني اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جي فوري جاچ ڪئي وڃي ۽ بزدلاڻي ڪارروائي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو